اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪوم?? انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ف??ڊن جي فوري فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ضم ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر ??ڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ٻاهران عنصر انهن علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اهڙن ٻاهرين عنصرن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي. وزيراعظم ميڊيا آف???? مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ توانائي، هائير ايجوڪيشن، صحت، ترقياتي منصوبن بابت معاملن ۽ خاص طور ضم ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي رفتار جي جائزي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.