اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاء?? آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خو??ڪار نظام ??تع??رف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي خت?? ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان مو??ب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي خت?? ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خو??ڪار نظام ??تع??رف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.