اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غيرضرو??ي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ اداراجاتي سڌارن ??و عمل تيز ڪيو وڃي، ڪورونا جي ڪ??ي خيبرپختونخواهه جي معاشي صورتحال کان عوام کي مڪمل طور تي باخبر رکيو وڃي، مشڪل حالتن جي باوجود هر ممڪن ڪوشش ڪ??ي وڃي ته ترقياتي خرچ گهٽ کان گهٽ متاثر ٿين، پ??لڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، صوبن ۾ توانائي جي صلاحيت بابت حڪمت عملي توانائي واري وزارت جي مشاورت سان جوڙي وڃي. اهي هدايتون هن خيبرپختونخواهه صوبي جي ترقياتي معاملن، ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان سڌارن، ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ صوبائي معاشي صورتحال خاص طور تي صوبائي آمدني، خرچن، وسيلن جي حوالي سان درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.