اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ماهوار بنيادن بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي من??وري ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا کان من??وري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کنڊ جي درآمد جي من??وري پڻ ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ تو??نا??ي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر مهيني بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي من??وري ڏني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ٽن لک ٽن ريفائن کنڊ جي درآمد بابت تجويز جي من??وري ڏني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کان اڳ کنڊ جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کنڊ جي کوٽ کان محفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کانپوءِ پليٽ اوسط جي بنياد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي من??وري پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي من??وري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020ع کان لاڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ٽن مهينن جي من??وبابندي بهتر انوينٽري انتظام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل مارڪيٽنگ ڪمپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين مهيني جي بنيادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کان اڳ جي قيمت جي اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت پي ايس او جي گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کان وڌيڪ نه هجي.