اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته منهنجي والد احمد فراز کي پاڪستاني عوام کان بي مثال محبت ملي، هُن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه رکيو، امن، محبت ۽ انسانيت سندس جي ادبي خدمتن ۽ عملي زندگي جو محور رهيو، مون کي سدائين پنهنجي والد جي شاعري مان رهنمائي ملي آهي، نوج??ان?? کي احمد فراز جي شاعري ۽ تعليم مان فائدو کڻڻ گهرجي، لکندڙن کي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻيون پونديون، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن ??يڪي پنهنجي روايتن ۽ قدرن ک?? ياد رکنديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??هره آفاق شاعر ۽ اديب احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي انهن ??ي قبر تي حاضري، فاتحه خ??ان?? کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام ه??ٺ احمد فراز ج?? ياد ۾ دعائيه گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.