اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ??شمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متح?? آهن، ڀارت پاڪستاني سياسي پارٽين کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڪرپشن جي خلاف جلسا ڪرڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ڀارت کان شمله معاهدي بعد ڳالهين جا ڪيترائي دور ڏسي ورتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن سان حل ڪرائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪشمير ريلي کانپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ??شمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متح?? آهن، ڀارت ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشميري اڳواڻ ٻيڙيون ساڙي چڪا آهن هاڻي آزادي کانسواءِ ڪجهه نه، سمورا ڪشميري گرفتار اڳو??ڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ سيل ۾ آهي، علي گيلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري حريت پسند اڳو??ڻن ۽ قائداعظم جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪشميري 8 لک ??وج جي گهيراءُ ۾ آهن.