اسلام آباد – 03 نو??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان رياست ۽ ملڪي دفاع جي خلاف دشمن جي ايجنڊا تي تيار ڪيل بيانيو ڪنهن صورت ۾ قبول نه آهي، نواز شريف ۽ سندس خاندان جمهوريت نه پر با??شا??ت تي يقين رکي ٿو، قانون کي گهربل اشتهاري لنڊن جي مهانگي فليٽ ۾ ويهي انقلابي بڻ??ڻ بدران عوام ۾ اچي، مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنسز ۾ چيو وڃي ٿو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڪرپشن، مني لانڊرنگ جا ڪيس واپس ورتا وڃن، جنهن جنهن ڪرپشن، مني لانڊرنگ ڪئ?? يا قومي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو ان کي حساب ڏيڻو پوندو، صنعتن کي ملندڙ وڌيڪ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئ?? وئي آهي، ننڍ?? ۽ ??چين درجي جي صنعتن سميت ٻين کي اضافي بجلي تي 25 سيڪڙو رعايت ملندي، صنعتن جي لاءِ پيڪ آورز ۽ آف پيڪ آورز کي گڏ ڪيو ويو آهي، صنعتن کي سستي بجلي جي فراهمي سان ملڪي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.