اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان کي ??ديني جي رياست وانگر رياست ٺاهڻ اسان جي اصل منزل آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گامزن آهيون، رستي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي قدمن ۽ پاليسين جا ثمر جلد عوام کي ??ظر ايندا، مهانگائي جي روڪٿام اسان جي اولين ترجيح آهي، نه ته پي ٽي وي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ وا??ي وفاقي وزير سيد فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير حماد اظهر س??ن گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته رياست ۾ عام ماڻهو کي ??ر ممڪن سهولت ميسر هوندي، مسئلا ?? مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني جي رياست جو ماڊل آهي، اصل ۾ اسان جي منزل جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي رخ به درست آهي، منزل تائين پهچڻ جي لاءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ رڪاوٽون به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان عبور ڪري پنهنجي منزل مقصود تائين پهچڻو آهي.