اسلام آب??د ?? 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪري، عمران خان جي مديني جي رياست جي عزم کي اڳتي وڌائينداسين، گڏيل قومن جي فورم تي عمران خان مغرب جي اکين ۾ اکيون وجهي اسلام جو دفاع ڪيو. هو درٻار عاليه عيدگاهه شريف ۾ عالمي يا رسول صه ڪا??فرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪا??فرنس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو خاص م??دگار علامه طاهر اشرفي به موجود هئا، ڪا??فرنس جي صدارت سجاده نشين عيدگاهه شريف پ??ر نقيب الرحمان ڪئي جڏهن ته صاحبزاده حسان حسيب الرحمان به خطاب ڪيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ جو اهو ميڙاڪو عاشقان رسول ﷺ جو اجتماع آهي، نبي پاڪ ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مڪمل حيات جو ضابطو آهي، هتان امن، محبت، اح??اس، عدل ۽ انصاف ۽ ڀائيچاري جو پيغام ملي ٿو.