اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي مذمت ??ئي آهي. هڪ بيان ۾ هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي امن جي لاءِ ڏنل قر??انيون رائيگان نه وينديون، اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن، ملڪ دشمن عنصرن کي بلوچستان ۾ قر??انين سان مل??ل امن سبوتاز ڪرڻ نه ڏينداسين.