اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙ?? کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. روانگي واپار جو ماپو وڌائڻ جي لاءِ غي?? روا??تي مصنوعات تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن لاءِ هدف متعين ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان ??ائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار وارو ??لا??ڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو ??لا??ڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. اجلاس ۾ ڪامرس ڊويزن تقابلي جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته سال 18 -2015ع کان ??ال 21 -2020ع جي دوران ويليو ايڊيڊ روانگي واپار ۾ 3.8 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، انهي مدي دوران ??ير روا??تي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ 2.7 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، اهو اضافو موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ روانگي واپار ڪندڙ?? کي ڏنل مراعتن جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. اجلاس کي آگاه ڪيو ويو ته روا??تي طور تي پاڪستان کان ٽيڪسٽائيل جي مصنوعات برآمد ڪئي پئي وئي تنهن هوندي به برآمدات جي ماپي کي وڌائڻ لاءِ غي?? روا??تي مصنوعات سميت معدنيات، فوڊ پراڊڪٽس، فروٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سرامڪس وغيره برآمد ڪندڙن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران ??اان چيو ته حڪومت برآمد ڪندڙ?? کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ مصنوعات ۾ جدت آڻي جاگرافيائي طور تي انهن ملڪن تي ڌيان ڏنو وڃي جتي پاڪستاني مصنوعات جي مارڪيٽ موجود آهي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن جي لاءِ برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ انهي بنياد تي ان ??ي ڪارڪردگي جاچي ويندي.