اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن??ن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران ان حوالي سان جاري ڪيل هدايتن ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ڪيا ويا آهن جن??ن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ قدمن جون هدايتون ڪيون ويون آهن.
وزيراعظم عمران خان پاران جاري هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ڪيو آهي، جن??ن تحت ??اڻ?? هاري پنهنجا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آهي ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ??اڻ?? آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مسئلن جي حل تي آفيسرن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي لاءِ 123 سرڪاري آفيسرن کي ذ??يداريون سونپيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏ??ن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذ??يداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري ??اڻ?? پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان آبادگارن ۽ هارين جي آگاهي لاءِ ضلعي سطح تي خصوصي مه?? به هلائي وڃي.