اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان جي موجوده صورتحال ڪنهن ا??ميي کان گهٽ نه آهي، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اسان دنيا کي افغانستان جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي، افغانستان جي عوام جي مدد لاءِ پوري دنيا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ا??غانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغانستان ۾ استحڪام نه ٿيو ته عالمي دهشتگرد تنظيمون ا??غانستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي افغانستان جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه افغانستان جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته اسان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه افغانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي انخلا جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو افغان ا??ن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.