اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڄاڻي واڻي منصوباب??دي تحت سلمان شهباز کي پاڪستان مان فرار ٿيڻ جي اجازت ڏني. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف مفرور سلمان شهباز کي پاڪستان واپس گهرائي ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ قوم جي لُٽيل دولت جو حساب ڏي، مملڪتي وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور سلمان شهباز پنهنجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چيو ته انهن ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان وڌيڪ جي ناجائز دول?? ۽ ??رپشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ٽڪ?? جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.