اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين شير شاهه ڌماڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جي والد سميت ٻين قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن ??يو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي ??نت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل ??طا فرمائي. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.