اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته شهباز شريف عادي شعبده باز آهي، کيس حادثن تي سياست يا شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، 30، 30 سال حڪومت ڪري به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، اڄ جو ”پيبلو ايسڪوبار“ اسان کي ٻڌائي ره??و آهي ته نيرو ننڊ ۾ هو، هن پنجاب ۽ مريءَ ۾ وسيلا خرچ ڪيا هجن ها ته اڄ اسان کي هي ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، شريف فيملي رڳو پنهنجا محل ٺاهيا، انهن جي دور ۾ ٿيندڙ ترقي انهن جي گهرن تائين محدود هئي، تحريڪ انصاف کانسواءِ مريءَ ريسڪيو آپريشن ۾ ڪا ٻي پارٽي موجود نه هئي، اسان نئون پاڪستان جو واعدو ڪيو آهي، انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئون پاڪستان ٺاهي ره??داسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد هئي ته شهباز شريف هڪ ليڊر وانگر ڳالهه ڪندو پر هي عادي شعبده باز آهي، کيس حادثن تي سياست ۽ شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، انهن 30، 30 سال حڪومت ڪئي پر پوءِ به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، 30 سال انهن ڄامڙا پاليس جيڪي وڏا نه ٿي سگهيا. چوڌري فوا?? حسين چيو ته مريءَ واقعي تي هر اک روئڻهارڪي آهي، مريءَ ۾ 64 هزار گاڏيون 5 ڏينهن ۾ داخل ٿيون. اسان کي فخر آهي ته پنجاب جو وڏو وزير، وفاقي وزير، پاڪستان تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز ۽ ايم پي اي?? سميت اسان جا ورڪرز مريءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل هئا. سول انتظاميا، پاڪ فوج ۽ سول ادارن مريءَ ۾ ريسڪيو آپريشن ڪري لکين ماڻهن کي ڪڍيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ (ن) ليگ جو ڪو ماڻهو مريءَ ۾ نظر نه آيو، انهن اتي وڃڻ جي زهمت به نه ڪئي. هن چيو ته 24 ڪلاڪن جي اندر ريسڪيو آپريشن ڪري سمورا رستا ڪليئر ڪيا ويا. چوڌري فوا?? حسين چيو ته شهباز شريف جڏهن وڏو وزير هو ته روز نئون واقعو ٿيندو هو، ان جي دور ۾ اسپتال ۾ آڪسيجن نه هجڻ سبب 100 ٻار مارجي ويا هئا ۽ هي منهن ڏسي ره??ا هئا. هن چيو ته ماڊل ٽائون جو واقعو ٿيو، معصوم ماڻهن تي گوليون وسايون پئي ويون ۽ شهباز شريف جو چوڻ هو ته کيس روڪڻ منهنجو ڪم نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شريف فيملي رڳو پنهنجا محل ٺاهيا، انهن جي دور ۾ ٿيندڙ ترقي انهن جي گهرن تائين محدود هئي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٽن سالن ۾ 13 نوان ريزارٽس ٺاهيا، وزيراعظم عمران خان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪيو، ملڪ ۾ سياح?? کي فروغ ڏنو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي ۽ هي اسان کي سبق ڏئي ره??ا آهن ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها. چوڌري فوا?? حسين چيو ته ملڪ ۾ اندروني سياحت جي هڪ نئين حقيقت ??نم ورتو آهي، اڄ الحمدالله لکين ماڻهو اندرون ملڪ سياحت مان فائدو کڻي ره??ا آهن. هن چيو ته اسان کي اهڙي انتظامي اسٽرڪچر جي ضرورت آهي جيڪو وڏي ابادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. چوڌري فوا?? حسين چيو ته اسان نئون پاڪستان جو واعدو ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئون پاڪستان ٺاهي ره??داسين. هن چيو ته معيشت انتظاميا سياحت سميت هر شعبي ۾ انهن ماڻهن جا پوکيل ڪنڊا اسان صاف ڪري ره??ا آهيون، مخالف ڌر ايندڙ 7 سال به روئيندي ره??دي، انهن جو ڪم روئڻ آهي. انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو.