اس??ام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فوجداري نظام اصلاحات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي، عدليه ۽ وڪيل برادري فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، بار ايسوسيئيشنز جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، انهن جي حل لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻنداسين. اها ڳالهه هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم، هاءِ ڪورٽ بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ بار مانسهره ۽ تعلقي بار حويليان جي وفدن سان ملاقات دوران چئي. وفاقي ??زير چيو ته حڪومت وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهي، انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت سستا قرض فراهم ڪيا ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ته بار ايسوسيئيشن ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي ڏسي خوشي ٿي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم سان ڳالهائيندي وفاقي ??زير چيو ته جهلم کي موٽر وي سان ملايو پيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جهلم جي لاءِ هڪ کرب روپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪرايا، هن چيو ته 44 ارب روپين جي لاڳت سان جلال پور ڪينال پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، لله کان جهلم ٻن لائين واري رستي جي منصوبي تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي، سنگهوئي کان مصري موڙ ۽ لله کان پنڊدادن خان تائين رستو هن سال جون ۾ مڪمل ٿي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته ان رستي تي 55 سالن کانپوءِ ڪم شروع ٿيو آهي، وفاقي ??زير چيو ته مانسهره، ايبٽ آباد ۽ حويليان ۾ وڪيل برادري لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين، هن چيو ته بار ايسوسيئشنز کي فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، بار ايسوسيئيشنن جي وفد ۾ ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي جي ??در ارشد مجيد ملڪ ۽ سيڪريٽري ملڪ مبشر، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي ??در چوڌري عبدالطيف، جنرل سيڪريٽري سيد جرار حيدر شاهه ۽ ايگزيڪيٽو ميمبرن چوڌري يعقوب، چوڌري ضياءُ الملڪ، حافظ عبدالسميع کوکر، چوڌري ڪاشف اسلام، ناصر زمان راجا ايڊووڪيٽ ميان عبدالرحمان، محمد انعام الحق، پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين، هاءِ ڪورٽ بار ايبٽ آباد جي ??در حاجي صابر حسين تنولي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد بابر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ بار ايبٽ آباد جي ??در عبدالستار خان ۽ جنرل سيڪريٽري سردار سمي?? الرحمان، ڊسٽرڪٽ بار مانسهره جي ??در بلال خان ۽ جنرل سيڪريٽري اظهر ظهور تنولي، تعلقي بار حويليان جي ??در رئيس خان، جنرل سيڪريٽري گل ظه??ر خان ۽ نائب ??در سعيد خان شامل هئا، بار ايسوسئيشنز جي ميبرن وقت فراهم ڪرڻ تي وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين جو ٿورو به ادا ڪيو.