اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??نيا ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪنالاج?? مان فائدو کڻڻو پوندو، 22 ڪروڙ آبادي کي رسمي معيشت جو حصو بڻائي اثاثو بڻائي سگهجي ٿو، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين، جيڪ?? ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين انهن تائين پهچنداسين، حڪومت مشڪل وقت ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سڌوسنئون مدد ڪندي، هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ٿ??ند??ون، اها ئي اصل ڪاميابي هوندي، پوري دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ گهٽ ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي پهرين ڊيجيٽل پيمنٽ سسٽم ”راست“ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 22 ڪروڙ جي آبادي کي جيڪڏهن اسان رسمي معيشت جو حصو بڻائي ڇڏيون ته ??ن کي هڪ اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جيڪا جدت اچي رهي آهي ان مان فائدو نه کڻنداسين ته ??هي 22 ڪروڙ ماڻهو بار بڻجي ويندا. وزيراعظم چيو ته ??ام ماڻهو بئنڪ ۾ و??ند?? ڊڄندو آهي. بئنڪن ۾ به سوٽ پاتل ۽ انگريزي ڳالهائيندڙن کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ”راست“ سان عام ماڻهو کي سهولت ملندي. هن چيو ته هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ ئي حڪومت جي اصل ڪاميابي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪو??ت آئي ته ??هو صوبو دهشتگردي جو شڪار هو. 500 کان 700 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا. ان صوبي ۾ اسان جيڪي قدم کنيا انهن جي ڪري خيبرپختونخواهه جي عوام جيڪا ٻيون ڀيرو ڪنهن کي موقعو نه ٿي ڏي اسان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ٻيهر چونڊيو. ان جو سبب اهو هو ته گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي موجب خيبرپختونخواهه ۾ غربت سڀ کان وڌيڪ تيزي سان گهٽ ٿي هئي، ان لاءِ اتان جي عوام اسان کي ٻيهر چونڊيو. وزيراعظم چيو ته ??ڪومت جي پڄاڻي تائين اسان جي ڪاميابي جو پئمانو اهو هوندو ته ملڪ ۾ غربت گهٽ ٿي يا نه ۽ خوشحالي جو ثمر هيٺ تائين پهتو يا نه. وزيراعظم چيو ته ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ ان ۾ گهڻي قدر گهٽتائي آئي. هن چيو ته پورهيت ۽ عام طبقي ج?? ماڻهن وٽ بئنڪن ۾ وڃڻ جو وقت ناهي هوندو. ”راست“ سان عام ماڻهو کي پنهنجي موبائيل فون ذريعي به بئنڪنگ جي سهولت حاصل ٿي و??ند?? ۽ سيونگ بهتر ٿ??ند??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو گهٽ آهي، ان سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن. ايف بي آر ۾ به ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪنداسين. 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا. اهڙا ماڻهو به آهن جن جو لائيف اسٽائيل تمام سٺو آهي ۽ گهرن ۾ گاڏيون بيٺل آهن پر هڪ رپيو ٽيڪس نه ٿا ڏين. هاڻي اسان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي انهن تائين به پهچنداسين ?? انهن کان به ٽيڪس وٺنداسين. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي کي ساراه??ند?? هدايت ڪئي ته ??منڊ پار پاڪستانين جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون و??ند??ون ۽ انهن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ سيل قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته ??منڊ پار پاڪستاني اسان جو تمام وڏو اثاثو آهن. پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ انهن جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي. انهن جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون و??ند??ون. هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ڪنداسين. احساس راشن پروگرام شروع ڪيو آهي. عام ماڻهو جي مشڪل وقت ۾ سڌوسنئون مدد ڪئي و??ند?? ۽ پئسو سڌوسنئون ڏنو و??ند??. ان سلسلي ۾ ”راست“ مان به فائدو کنيو و??ند??. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ??ئنڪنگ سيڪٽر تمام ترقي ڪري چڪو آهي. هڪ زماني ۾ رقم جي منتقلي ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا هئا پر ”راست“ جي ذريعي هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿ??ند??. بئنڪنگ جي شعبي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي. ان سان اي ڪامرس ۾ به اضافو ٿ??ند?? ۽ نه رڳو ماڻهن جي وچ ۾ پر ڪاروباري ۽ واپاري ڏيتي ليتي جي لاءِ پڻ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ”راست“ کي استعمال ۾ آندو و??ند??. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ??ءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي سان بئنڪنگ شعبي کي تمام گهڻو فائدو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم بئنڪنگ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي سدائين هدايت ڪئي آهي. بئنڪون هاڻي عام شهرين کي به قرض فراهم ڪري رهيون آهن. ”راست“ ڊيجيٽل ادائيگي ۾ انقلاب آڻ??ند??. هن چيو ته ??است جا چار خصوصي جز آهن، ان جي ذريعي فوري ادائيگيون ٿ??ند??ون. راست ڪيش ادائيگي جي ابتڙ فوري ڊيجيٽل ادائيگي ممڪن بڻائي ٿو. راست مڪمل طور تي مفت خد??ت آهي، ان ۾ ڪي به لڪل چارجز نه آهن. راست جي لاءِ موبائيل ذريعي رجسٽريشن ٿئي ٿي ۽ هاڻي ايپ، انٽرنيٽ بئنڪنگ جي چينلز جي ذريعي ان تائين پهچ ممڪن آهي. راست کي ڪنهن به بئنڪ جي اڪائونٽ سان ڳنڍيو و??ند??. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت بئنڪن مان 131 ارب رپيا قرض جي منظوري ڏني وئي آهي. پاڪستان ۾ ڊيجيٽل بئنڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ فريم ورڪ جوڙيو ويو آهي. ڊيجيٽل بئنڪ گهٽ فيس سان وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ نادرا سان گڏجي اڪائونٽ کولڻ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪي بئنڪاري جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ 500 ارب ڊالر اي بئنڪنگ ذريعي منتقل ٿيا. اها شرح جي ڊي پي کان به وڌيڪ آهي. اي بئنڪنگ ڏيتي ليتي ۾ هر سال 30 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت 10 ڪروڙ شهرين وٽ موبائيل فون آهي پر اهي بئنڪنگ جي سهولت مان فائدو نه کڻي رهيا آهن. ڪجهه هفتن ۾ سموريون بئنڪون ”راست“ سان ڳنڍجي و??ند??ون.