اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ايمل ولي خان جي سربراهي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ عوامي نيشنل پارٽي جي تعاون جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سموريون سياسي پارٽيون گڏجي معيشت جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ??م ڪنديون رهنديون.