اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خ??ن ۽ سندس پارٽي مسيح?? برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري، نالائق، نااهل، فاشٽ، ڪرپٽ ۽ چورن کي عوام جلسي لاءِ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي ته ان ۾ حڪومت ڪٿان اچي وئي؟ جيڪڏهن عوام کين جلسي لاءِ نجي ملڪيتي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته ان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ ??لل?? جو ڪهڙو قصور آهي، عمران نيازي چاهي ٿو ته رانا ثناءُ ??لل?? زور زبردستي نجي ملڪيت تي جلسي جو بندوبست ڪرائي، عوام عمران خ??ن جي غلام نه آهي، حڪومت قانون تحت اها جاءِ عمران نيازي کي جلسي لاءِ نٿي ڏئي سگهي جيڪا نجي ملڪيت آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسيح?? برادري پنهنجي جڳهه جلسي جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ڇو ته اها جاءِ عبادت لاءِ مخصوص آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خ??ن مسيح?? برادري جو احترام ڪري، غنڊا گردي نه ڪري، هن چيو ته مسيح?? برادري سراپا احتجاج آهي، حڪومت انهن جي احتجاج کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عمران نيازي مذهبي منافرت پکيڙي انهي جاءِ تي ڇو جلسو ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گور??مي??ٽ مري ڪاليج گرائونڊ ۽ اسپورٽس جمنازيم پسرور تي جلسو ڪرڻ جي تجويز ڇو قبول ناهي؟ ان جو صاف مطلب آهي ته عمران نيازي صرف ڊراما ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو مقصد صرف تماشو لڳائڻ آهي، هن چيو ته مسلم ۽ غير مسلم مذهبي اڳواڻ عمران نيازي کي سمجهائين ته مسيح?? برادري جي جذبن جو احترام ڪري.