اسلام آباد – 16 – مئي (??ي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي ??بديلي بابت ٽاسڪ فورس غذا ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچاءُ ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته موسمياتي ??بديلي کي نظر ۾ رکندي ماهرن تي ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، جيڪا شسپر گليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ موثر قدم، پاڻي جي بچاءُ ۽ موجوده ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي، هن چيو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلي جي خطرن جي ور چڙهيل ملڪن ۾ 5 نمبر تي ??هي، پاڻي جي کوٽ جا خطرن جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي ??هي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڻي جي بچاءُ ۽ ان جي زيان کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو انفرادي ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو.