ملتان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملتان پوليس 14 آگس?? جي حوالي سان فول پروف سيڪيورٽي انتظامن جي لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪري ورتو آهي. ڏکڻ پنجاب پوليس جي ترجمان موجب ??ءِ جي پنجاب جي هدايتن تي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملتان ريجن ۾ ون ويلنگ، هوائي فائرنگ ۽ روڊن تي گوڙ ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪ??ي ويندي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي تفريحي ماڳن خاص طور تي پارڪن ۾ ايندڙ فيمليز ۽ عورتن جي تحفظ جي لاءِ ليڊي اه??ڪار مقرر ڪيون وينديون. بنا سبب جي روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ شهرين جي لاءِ مشڪلات پيدا ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪ??ي ويندي. آءِ جي پنجاب صوبي ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۽ پروگرامن جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.