لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي وي ايم جو تصور منهنجو آهي، موجوده حڪومت سان منهنجا سٺا لاڳاپا آهن، صرف 4 سمريون رد ڪيون، ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان اچڻ جي حوال?? سان ڪا راءِ نه ڏيندس، اطلاعن موجب ڳالهيون هلن پيون پر ان حوال?? سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، سڀني سياسي ڌرين کي گڏجي ويهي معاملن کي نبيرڻ گهرجي، ملڪ جا سمورا ادارا احترام لائق آهن، تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکا??. گ??رنر هائوس لاهور ۾ ناليواري ميڊيا پرسنز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان ڳالهه ٻولهه جو مقصد موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال بابت تصديق ٿيل راءِ حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي گرمي ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ممڪن طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي. هن چيو ته کيس پاڪستان جي عوام پاڪستان جي صدر طور اها ذميواري ڏني آهي، ان حيثيت سان سندس ڪجهه اهم ??ئي??ي ذميواريون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي صدر جي حيثيت سان ملڪ جا سمورا ادارا سندس جي لاءِ احترام جوڳا ۽ عزيز آهن ۽ هو ڪنهن به قسم جو تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکي، مشاورتي عم?? ذريعي بهتري آڻڻ جا ڪيترائي رستا موجود آهن. صدر چيو ته سمورين ڌرين کي هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ميز تي آڻڻ جي لاءِ مشاورتي عم?? شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته صدر جو ??ئي??ي ڪردار انهن کي باضابطا طور تي ڌرين تائين پهچڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن وڌيڪ چيو ته اها ايگزيڪيوٽو، اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر مخالف ڌر ۽ لاڳاپيل ادارن جي بنيادي ذميواري آهي ته اهي پولرائيزيشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. هڪ ناليواري صحافي جي خيالن سان اتفاق ڪندي صدر چيو ته سياسي پارٽين ۽ ڌرين کي خاص طور تي آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي انعقاد ۽ ميثاق معيشت تيار ڪرڻ جي حوال?? سان ويهي اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ متفقه رستو طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده سياسي پولرائيزيشن ۽ معاشي صورتحال ۾ بهتري پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر وڌيڪ چيو ته هو سمجهي ٿو ته بدعنواني ڪنهن به ملڪ جي غربت جو هڪ وڏو عنصر آهي، بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو آهي ته خاص طور تي سياسي پارٽين پاران عطيا وصول ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ سميت سموري مالياتي ڏيتي ليتي رسمي بئنڪنگ چينلز ذريعي ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رڳو پاڪستان جي اندر ڌرين کي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ ڪنهن ٻاهرئين ماڻهو يا ملڪ جي مداخلت کانسواءِ رڳو شامل ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا هاڻي هتي رهڻ جي لاءِ آهي پر بدقسمت?? سان اسان ان جا عادي نه آهيون ۽ ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل آهي. ان لاءِ اسان کي سوشل ميڊيا ۽ ان تي ڇا ٿي رهيو آهي ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا جو 90 سيڪڙو سٺو آهي ۽ ڪيتري ئي معلومات فراهم ڪري ٿو جڏهن ته اسان کي جعلي خبرن ۽ افواهن کي فلٽر ڪري باقي 10 سيڪڙو کي منهن ڏيڻ سکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس موجوده حڪومت سان انتهائي خوشگوارا لاڳاپا آهن ۽ هن چار سمرين کانسواءِ جيڪي ??ئي?? جي دائري ۾ رهندي دير جو شڪار ٿيون سمورين سمرين جي وقت سر منظوري ڏني. هن چيو ته هو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بعد ۾ ميان نواز شريف جي حڪومتن جي دوران به ڊگهي عرصي کان اي وي ايم جو بنيادي حامي هو ۽ اي وي ايم جو تصور منهنجو ئي ڏنل آهي، جنهن کانپوءِ مون ئي پي ٽي آءِ کي چونڊن دوران ٽيڪنالاجي جي استعمال تي قائل ڪيو. اي وي ايم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ انتهائي آسان حل فراهم ڪري ٿي. هن چونڊ عم?? دوران ٽيڪنالاجي جي استعمال تي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ملڪ ۾ جمهوري عم?? کي سگهه ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مفتي تقي عثماني جي ذريعي افغان حڪومت کي افغان شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين کي ڊسٽنس لرننگ ۽ ورچوئل موڊ ??ف ايجوڪيشن فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته مفتي تقي عثماني پاڪستاني طالبان سان ڳالهه ٻولهه دوران کين ٻڌايو ته مسلمان دنيا جي سمورن ??ئي??ن مان اسلام جي ويجهو ترين ??ئي?? اسلامي جمهوريه پاڪستان جو ??ئي?? آهي. ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان جي اچڻ جي تازين اطلاعن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته سندس ان تي ڪا راءِ نه آهي ڇو ته اطلاعات موجب ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته سندس راءِ آهي ته اهڙي قسم جي ڪنهن به ڳالهين کي پارليامينٽ پاران لازمي قرار ڏيڻ گهرجي ۽ ڪنهن خوش آئنده نتيجي تائين پهچڻ جي لاءِ اعتماد ۾ وٺي سگهجي ٿو، نتيجن کي پڌرو ڪرڻ کان اڳ پارليامينٽ کي رپورٽ ڪيو وڃي.