اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي انتهائي ڏک آهي، ??ڪو??ت جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي، عالمي ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ اڳتي اچن، اڪيلي ??ڪو??ت متاثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ انٽرنيشنل ??ار??نرز سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادار??، صحت جي عالمي اداري جا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل ??ار??نرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحال آهي، وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ??يو ته 2010ع کان به وڌيڪ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن جي متاثرين کي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم ??يو ته وفاقي ??ڪو??ت، صوبن، مرڪزي ۽ صوبائي کاتن جي حصيداري سان ڪم ڪري رهي آهي، فوري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين جي ٻوڏ متاثرين کي فوري روڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، مجموعي طور تي 37 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿيندي. هن ??يو ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو وڌيڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوبائي ??ڪو??تون متاثرين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري سگهن، عالمي ادارن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ادارن جو هنگامي تعاون گهربل آهي. وزيراعظم ??يو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پهرين ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهيان، وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي اچي. هن ??يو ته عالمي مالياتي ادارن، تنظيمن جي مدد سان متاثرين جي مدد ۾ وڏي مدد ملندي، فوج، سرڪاري ادارا، شهري خدمتن جا ادارا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن ??يو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل انتهائي ڏکويل آهي، جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم انٽرنيشنل ??ار??نرز کي اپيل ڪئي ته اهي وسيلن جي دستيابي سان اسان جي مدد ڪن. هن ??يو ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري شين جي فراهمي گهربل آهي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل ??ار??نرز کي متاثر علائقن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان ??ڪو??ت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل ??ار??نرز جي دوري جا انتظام ڪندي.