نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ??وڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي ??وشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ريسڪيو جي ??اءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي ??حفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي ??اءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ??دايت ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.