??يو??ارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن مل??قات ڪئي آهي. مل??قات دوران آمريڪي پرڏيهي وزير هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن سان مل??قات ڪئي آهي. مل??قات دوران هن پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم کي هن مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ جي آمريڪي عزم جو يقين ڏياريو.