اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي 2 خط لکيا آهن جن ۾ ارشد شريف جي قتل ۽ عمران خان تي حملي جي جاچ جي ل??ءِ جوڊيشل ڪميشن ??اه?? جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته انهن اف??وسناڪ واقعن کي ڪوڙا الزام هڻڻ، انتشار پکيڙڻ ۽ ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ل??ءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ سچائي جو تعين ٿيڻ ڏنو وڃي.