اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاليسين جي تسلسل کي پائيدار اقتصادي ترقي، صنعتڪ??ري جي فروغ ۽ غيرملڪي سيڙپڪ??ري کي راغب ڪرڻ ??ي لاءِ ضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته واپ??ري برادري پاران ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ??ان گڏوگڏ واپ??ري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شڪايتن ۽ مسئلن کي ختم ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ ايوارڊ ورهائڻ و??ري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گروپ ليڊر آر سي سي آئي سهيل الطاف، صدر آر سي سي آئي ثاقب رفيق، وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود باجوه ۽ ايف بي آر جي نمائندن ۽ واپ??ري برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪاروب??ري عمل کي ٽيڪس وصولي کي وڌائڻ، ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ معيشت ۾ شفافيت جي لاءِ ضروري قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس سان جي ڊي پي جو گهٽ تناسب ان جي قيام کانپوءِ کان ئي وڏو مسئلو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس نظام کي آسان بڻائي ۽ ٽيڪس جي نظام ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. هن واپارين کي وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻ، جمع ٿيل ٽيڪس کي انصاف ۽ ديانتد??ري سان خرچ ڪرڻ، ڪرپشن ۽ چوري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي اندر??ني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري دٻاءُ جو شڪار آهي، سمورين ڌرين کي موجوده صورتحال مان نڪرڻ ??ي لاءِ ذميو??ري سان ڪم ڪرڻ ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ ??ي ضرورت آيه. هن 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ کانسواءِ نوجوانن جي مهارت جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ ۽ تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ حصيد??ري قائم ڪرڻ ??ي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميو??ري آهي ته اهي پنهنجي آبادي جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن جي سارسنڀال ڪن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ هيٺاهين آئي آهي، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي داخلا کي وڌائڻ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. صدر ڪاروب??ري برادري تي زور ڏنو ته اها عورتن کي ڪم و??ري جڳهه تي محفوظ ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ ??ان گڏوگڏ ڪاروبار ۽ صنعت ۾ انهن جي حصيد??ري کي وڌائين. هن عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ شامل ڪرڻ ??ي حوالي سان رڳو زباني ڳالهيون ڪرڻ ??دران بنيادي معيار قائم ڪرڻ ??ي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته معذور ماڻهن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي. ان کان اڳ صدر ريٽيل، مينوفيڪچرنگ، فارماسيوٽيڪل، ٽريول، ڪنسٽرڪشن، اسٽيل، پولٽري ۽ درآمدي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ بزنس ڪميونٽي جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ آر سي سي آئي ايوارڊز ورهايا.