اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ??رڻي پوندي، ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان جي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليمي دوري تي آيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهلو، بلوچستان جي ڪيڊٽس سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيـٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ??رڻي پوندي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي قيادت عوام سان مضبوط سياسي لاڳاپا قائ?? ڪري، بلوچستان جي نوجوانن کي صوبائي ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالامال صوبو آهي، ماڻهو باصلاحيت ۽ بهادر آهن، ريڪوڊڪ سميت ٻيا منصوبا بلوچستان کي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهن ٿا، بلوچستان جي قدرتي وسيلن کي بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪري ترقي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پ??هن??ا نوازي ۽ بدعنواني جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت جو فروغ قوم جي تعمير جي لاءِ ضروري آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ، ذاتي مفادن ۽ اناءَ کي خت?? ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مناسب پرورش ۽ پ??هن??ي ايندڙ نسلن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل مالي، سماجي ۽ اقتصاد استحڪام حاصل ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ڪنجي آهي، سموريون ڌريون پ??هن??ي اناءَ ۽ انتهائي رويي کي هڪ طرف رکن، عظيم تر قومي مفاد کي مٿانهون رکن. صدر چيو ته شاگرد سڄي زندگي علم هاصل ڪرڻ کي جاري رکن، پ??هن??ي صلاحيتن کي مسلسل نکارين، شاگرد پ??هن??ي اخلاقي ۽ خانداني قدرن کي برقر??ر رکندي صحيح ترجيحن جو تعين ڪن. صدر معياري ??ريجوئيٽس تيار ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪيڊٽ ڪاليجز کي ساراهيو.