اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو سا?? ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين جي پاڪستان سا?? دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪو??ت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سا?? سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي س??براهي ۾ چيني ڪمپني جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي س??راهيو. وزيراعظم چيني ڪمپني کي حڪو??ت جي سولرائيزيشن جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وفد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيشن جي حوالي س??ن 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. چيني وفد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم چيني ڪمپني جي ٻوڏ سٽيلن جي مد?? جي جذبي کي س??راهيو.