جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي سان ٿ??ند?? تباهي کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير جي حوالي سان جنيوا ۾ ٿ??ند?? ڪانفرنس جي شروعات اڄ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت ڪندڙن کي آجياڻي واري خطاب سان شروعات ٿيندي جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل شروعاتي م??المي جي سيشن جي سربراهي ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چار سيشنز تي ٻڌل ڪانفرنس جي ٻئي ۽ ٽئين سيشن جي صدارت ڪندو، ٻئي سيشن جي شرواعت 3 لڳي 15 منٽتي ٿيندي جڏهن ته وقفي کانپوءِ ٻئي سيشن جي ٻيهر شروعات 6 لڳي 30 منٽن تي ٿيندي، وقفي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ٽيون سيشن ساڍي 7 وڳي ٿيندو. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا تي لائيو ڪوريج جي لاءِ گڏيل قومن جي ويب سائيٽ تي ڪانفرنس جي پهرين ۽ ٻئي حصي کانسواءِ ڪانفرنس دوران ٿ??ند?? ٻين سيشنز جا ٽي جدا ج??ا لائيو اسٽريمنگ لنڪس دستياب آهن.