اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي سيڪري??ري شاهيره شاهد چيو آهي ته اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن، پيمرا ۽ صحافين سان لاڳاپيل قانونن تي ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي ??اء?? انهن قانونن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي ??طلاع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. اجلاس جي ??دارت ڪميٽي جي چيئرمين جويريه ظفر آهير ڪئي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيولي??ري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) سان لاڳاپيل قانونسازي مسودو، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان لاڳاپيل ترميمن تي بريفنگ ڏني وئي. اطلاع??ت ۽ نشريات واري سيڪري??ري ٻڌايو ته 7 بلز غور هيٺ آهن ۽ وزارت ترميمن کانپوءِ انهن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليندي. هن چيو ته معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ترميمون ڪرڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري. وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت موجب لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطو ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته وزارت صحافين جي ??حفظ جي ??والي سان پڻ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ڌرين سان مشاورت جاري آهي. اطلاعات واري سيڪري??ري ٻڌايو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي ??حفظ بابت ڪيسز کي هيومن رائيٽس ڊويزن کان انفارميشن ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو هو جنهن هاڻي انهن کي پارلياماني معاملن واري ڊويزن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي نمائندي صحافين ۽ ميڊيا جي پيشيواراڻي ماڻهن جي ??حفظ بابت ڪيسن جي ??ڳڀرائي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن بڌايو ته آءِ سي ٽي پوليس جي پيٽرولنگ اهلڪارن کي ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي ??هائشگاهن جي ??يڪيورٽي جي ??اء?? هدايت ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته عدالت جي هدايت موجب هڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته گهرو وزير ايندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي صحافين جي ??حفظ جي ??اء?? وزارت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪري. بعد ۾ ڪميٽي پرائيويٽ ميمبرز بل، جنهن جو عنوان هو ”دي انڊيسنٽ ايڊورٽائيزمنٽ پرهيبيشن (ترميمي) بل 2022ع“ (موجوده ايم اين اي محمد جمال الدين) کي ٻي قانونسازي سان گڏ ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان تي ايندڙ اجلا?? ۾ ??ور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر (وڊيو لنڪ ذريعي)، ذوالفقار علي ڀان، ناز بلوچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز نصير بلوچ، ناصر خان موسيٰ زئي، اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو وزارت، آءِ سي پي پوليس، پيمرا، پي آئي ڊي، پي بي سي ۽ اي پي پي جا عملدار شريڪ هئا.