اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس III ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي برطانيا جو دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي تي برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشت??ڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان ۽ برطانيا جي ??اڳ??پن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا متحرڪ ??اڪ??تاني – برطانوي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان برطانوي بادشاهه ۽ شاهي خاندان کي ??اڪ??تان ۽ ان جي عوام جي دوست طور ڏسون ٿا ۽ ??اڪ??تان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر ??هيون.