اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان مان پا??ست??ني شهرين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي ??ي صبح هڪ جهاز سوڊان مان ڪڍيل 149 پا??ست??ني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پا??ست??نين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پورٽ سوڊان ۽ ٻيو جده کان پا??ست??نين کي واپس آڻيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال سان پا??ست??نين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي منصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويو آهي، آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پا??ست??نين کي سرطوم کان پورٽ سوڊان پهچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پا??ست??ني شهرين کي پورٽ سوڊان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پا??ست??ن پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پورٽ سوڊان کان جده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پورٽ سوڊان کان جده تائين انخلا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ فيرين جي ذريعي ??نخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پورٽ سوڊان کان جده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خا?? طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پورٽ سوڊان کان جده تائين فيري جي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ پا??ست??ني شهرين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ??ن عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ عمل جي قيادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ پا??ست??ن جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پا??ست??نين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ته جده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سا?? رابطو جاري رکندو ۽ جده جي رستي پا??ست??نين جي اچ وڃ دوران مدد فراهم ڪندو.