پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پيپلز??ار??ي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان جي اب??ڻي رهائشگاهه عبدالخيل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلز??ار??ي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بل??ول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميم??رن مفتي عبدالشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پيپلز??ار??ي جي وفد جو عبدالخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بل??ول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.