اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ مهانگي درآمدي ٻارڻ سان بجلي جي پيداوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، سولر پينلز جي مرحليوار درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سولر پينلز ۽ ان سان لاڳاپيل اوزارن جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ف??ري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گهٽ لاڳت شمسي بجلي جي پيداوار سان ٻارڻ جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، شمسي توانائي سان بجلي جي صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 17 سرڪاري عمارتن جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آه?? جنهن جي لاءِ بڊز موصول ٿي چڪيون آه??، انهن بڊز جي فني جانچ اڄ مڪمل ڪئي ويندي. ان کانسواءِ وڌيڪ 50 عمارتن جا ٽينڊرز 20 اپريل تي جاري ڪيا ويندا. اجلاس کي 600 ميگاواٽ ڪوٽ ادو منصوبي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جو ٽينڊر پڻ جاري ڪيو ويو آه?? جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ عالمي ڪمپنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آه??. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 1200 ميگاواٽ ۽ جهنگ ۾ 600 ميگاوا?? جي منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي حتمي مرحلن ۾ آه??. اجلاس کي 11 ڪي وي فيڊرز تي سولر هڻڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان نيپرا پينچ مارڪ ٽيرف جي م??ظو??ي کانپوءِ ئي ان تي اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهندي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراع??م جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.