اسلام آباد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان طرفان گه??و وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان جڏهن ته سعودي عرب طرفان سعودي نائب دفاع وا??و وزير ڊاڪٽر ن??صر بن عبدالعزيز مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. معاهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معاملن وا??و وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود، منشيات جي خاتمي وا??و وفاقي وزير شاهه زين بگٽي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.