اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پاڪستان ۽ ايران سرحد تي آهي، جتي هو ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي س??ن ملاقات ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٻئي اڳواڻ ملاقات ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ پاڪستان ايران ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي نئين شعبن جي ڳولا ڪندا. ترجمان چيو ته وزيراعظم ۽ ايراني صدر مند – پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پلس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن ل??ئين جو افتتاح ڪندا. ترجمان چيو ته مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پلس ان جي 6 بارڊر مارڪيٽن مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ايران سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندي. ان جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي 21 اپريل 2021ع تي صحيحون ڪيون ويون هيون. هن چيو ته سرحدي بازارن جو تصور پاڪستان ايران سرحد تي ماڻهن جي سهولت لاءِ سرحد پار واپار ۾ اضافي، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ موقعن جا نوان رستا کولڻ جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پولان پلس گبد بج??ي جي پهچ لائين گذريل سال جولاءِ ۾ توانائي واري وفاقي وزير جي ايران جي دوري دوران ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ تيار ڪئي وئي آ??ي. 132 ڪي وي ٽرانسميشن ل??ئين مڪران ڊويزن جي بج??ي جي ٽرانسميشن ل??ئين جي ذريعي ايران کان خريد ڪيل بجلي س??حدي مڪران خطي جي ضرورت کي پورو ڪندي. پولان گبد جي رستي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي بلوچستان صوبي ۾ گهرن ۽ ڪاروباري ادارن جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.