اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي بيلاروس جو پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ 30 ۽ 31 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري ??ور?? ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ت?? ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندا ۽ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت ٻطرفي دلچسپي جي ڪيترن .ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ترجمان چيو ت?? پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. پرڏيهي وزير گذريل سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمب??ي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي بيلاروسي هم منصب سان ملاقات ڪئي هئي.