اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ فلسطينين جي منصفاڻي جدوجهد جي ح??اي?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اندر 4500 نئين بستين جي اسرائيلي واڌ واري منصوبي جي شدي?? مذمت ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اندر 4500 نئين بستين جي تعمير جي اسرائيلي توسيعي منصوبي جي شدي?? مذمت ڪري ٿو. اهو ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي عالمي سطح تي منظور ٿيل مق??د کي وڌيڪ پري ڪري ٿو ۽ نئين ۽ دائمي عدم استحڪام ۽ تشدد کي وڌائي ٿو. هن چيو ته اشتعال انگيز، غيرقانوني ۽ غيرقانوني اسرائي??ي قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ امن کي نق??ان پهچائي رهيا آهن. پاڪستان هڪ آزاد رياست جي لاءِ فلسطينين جي منصفاڻي جدوجهد جي ح??اي?? جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو گادي وارو شهر اوڀرندو والاريل بيت المقدس هجي.