اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد ??ورشيد ??اهه، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، سنڌ جو و??و وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سينيٽر نثار کهوڙو شامل هئا. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احس?? ا??بال پڻ موجود هئا. وفد معاشي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ کن??ل قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.