اسلام آباد-01 ??ول??ءِ (اي پي پي) حڪومت پاڪستان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي مع??هدي جي شقن موجب پاڪستان ۾ موجود 308 ڀارتي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيدي آهن، بيان موجب پاڪستان ڀارتي حڪوم?? تي زور ڀريو آهي ته هو انهن سمورن پاڪستاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين ??ول??ءِ تي هڪٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي مع??هدي تحت ٿيندي آهي جنهن تي 21 مئي 2008ع تي صحيحيون ٿيون هيون.