اسلام آ??اد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوئيڊن ۾ هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي تي اڄ جمعي نماز کانپوءِ سڀ پاڪستاني پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ?? وزيراعظم چيو ته قرآن مجيد جي حرمت جي معاملي تي سڄي قوم هڪ آهي. سوئيڊن واري واقعي تي سڄي مسلمان امت چڙ ۾ ورت?? آهي. هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڏکوئيندڙ واقعي تي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ قرآن تقدس ڏهاڙي جي عنوان سان اڄ اسان سڀ هڪ آواز بڻجي ملڪ گير احتجاج ڪنداسين ۽ جمعي نماز کانپوءِ پاڪستاني قوم مسلمانن جا سمورا طبقا ناموس قرآن جو جهنڊو کڻي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. وزيراعظم چيو ته قرآن اسان جي دل ۾ آهي، قرآن اسان جي لاءِ جيئڻ جو ذريعو آهي.