اسلام آب??د – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ??ڏي. ان س??سل?? ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آب??د سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته بهار موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آب??د ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو وي?? هو جنهن کي پورو ڪيو وي??. سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آب??د ۾ مجموعي طور تي 5 لک ٻوٽا هنيا وي??دا جن مان سوا لک ٻوٽا اڳ ۾ ئي لڳايا ويا آهن. سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گادي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻيا ماحول دوست ٻوٽا هنيا وي??دا. هن ٻڌايو ته اسان سول سوسائٽي کي پڻ وڻڪاري مهم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪاري مهم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا وي??دا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو وي??دو.