اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي ??ريضن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ڏس ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت سر ڪارروائي نه ڪر?? جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي ??با پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. صدر اها ڳالهه هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ چئي جيڪو جمعي ڏينهن (28 جولاءِ) تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته اڄ اسان هيپاٽائيٽس ۽ لاڳاپيل بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪر?? جي ??اءِ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي وائرس کان صحت کي تمام وڏو خطرو آهي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون بيماريون ۽ فوتگيون ٿين ٿيون، اوڀر بحيره روم جي علائقي ۾ هيپاٽائيٽس سي جي بيماري جو 80 سيڪڙو بار مصر ۽ پاڪستان تي آهي. مصر هيپاٽائيٽس سي جي خلاف جنگ ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اڃا به اسان جو ملڪ پنهنجي خطي ۾ ان بار جو هڪ وڏو حصيدار آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي هڪ خطرناڪ ۽ خاموش بيماري آهي، اڪثر ان بيماري جون علامتون ان وقت تائين ظاهر نه ٿيون ٿين جيستائين ان سان جگر کي شديد نقصان نه پهچي چڪو هجي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان وائرس کان متاثر ماڻهو سالن تائين ان کي گڏ کڻي هلن ٿا جنهن جي ??تيجي ۾ انهن کي جگر جي بيماري ۽ اڳئين اسٽيج جي ڪينسر جو خطرو ٿي وڃي ٿو، اسان کي پنهنجي ??وم جي ڀلائي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي ??ريضن جي سڀ کان وڏي آبادي آهي ۽ اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي ??وري آبادي جي ??عال طور تي اسڪريننگ ڪريون ۽ هيپاٽائيٽس مثبت ماڻهن جو فوري علاج ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وقت سر ڪارروائي نه ڪر?? جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي تباهه ڪندڙ وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اڻ ڳڻين فوتگين، جگر جي بيماري ۽ معيشت تي وڏي بار جي صورت ۾ ان جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي ??وم جي صحتمند ۽ خوشحال مستقبل جي ??اءِ اڄ ئي قدم کڻڻا پوندا، هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي اسان هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، ڪنٽرول ۽ خاتمي کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي ڌيان ڏيندي اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌائي رهيا آهيون، اسان کي هيپاٽائيٽس جو خطرو وڌائيندڙ عملن کي فوري طور تي گهٽ ڪر??و پوندو ۽ ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ، اسڪريننگ ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪر??ي پوندي.