اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳ??اڻ شبير ا??مد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مط??لب?? ڪندي چيو آهي ته ڀارت انهن جي ڊگهي قيد کي ختم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مط??لب?? ڪرڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان انهن کي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته شبير ا??مد شاهه هن مهيني پنهنجي مسلسل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. ترجمان چيو ته شبير ا??مد شاهه پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪو آه??. ه?? چيو ته شبير ا??مد شاهه جي قيد جو ڪل مدو ان جي زندگي جي اڌ کان وڌيڪ آهي، ان کي انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل بجاطور ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو آهي.