لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڀ??رت تي زور ڏنو آهي ته هو پراڻي ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ??ري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لنڊن ۾ پرڏيهي ميڊيا کي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي نام نهاد جمهوريت جي دعويدار ڀ??رت کي ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ گهرجي. ڀ??رت سان لاڳاپن جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان ڀ??رت سان امن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سمورن پاڙيسري ملڪن سان بامقصد ڳالهين جي لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن.