اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چي?? آهي ته حڪ??مت سي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري رکيون آهن، سي پيڪ روڊ انفراسٽرڪچر، پاور سيڪٽرز ۽ صنعتي زونز ۾ 62 ارب ڊالر جي ڪامياب منصوبن جي شڪل ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪي?? آهي، روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان جلد سٺيون خبرون اينديون، نگران حڪ??مت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عو??م کي ريليف ڏن?? آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏ??ي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عو??م کي منتقل ڪري. بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ سي پيڪ آرٽ نمائش کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪ?? آهي، سي پيڪ جي ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌيا آهن جڏهن ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته فن ۽ ثقافت جو انساني زندگين تي گهرو اثر پوي ٿو، اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته نمائش ۾ نه رڳو فن کي پيش ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ انٽريڪٽو ميڊيا کي به شامل ڪيو وي?? آهي، اميد آهي ته نئين انٽريڪٽو ميڊيا نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي حڪ??مت سلي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون جاري رکيون آهن. هن بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ کي آرٽ نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن سال اسان سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، مون کي يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون نئين بلندين تائين پهچندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي?? آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ٽيڪنالاجي، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان سٺيون خبرون اينديون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته موجوده نگران حڪ??مت جو وچن آهي ته جنهن حالت ۾ ملڪ ملي?? آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. هن چيو ته اڄ ڪافي ماڻهن جي چهرن تي رونق آهي، نگران حڪ??مت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عو??م کي ريليف ڏن?? آهي، حڪ??مت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو عو??م کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏ??ي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عو??م کي منتقل ڪن. هن چيو ته گذريل هفتي جمعي ڏينهن اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي هئي، عالمي ادارا پڻ ايندڙ سال پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ ٻيڻي اضافي جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي، ملڪ چونڊن طرف اڳتي وڌي. پاڪستان اڳتي وڌندو ته سي پيڪ جا فائدا به بهتر طريقي سان ملندا.