اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اه?? ڳالهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو ح??لو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ح??لو عالمي انس??ني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اه?? ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي ع??ب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انس??ني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي ع??ب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر?? ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.