اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ??ڪم?? ڪري اسلام آباد پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم تاشقند ۾ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان کي خطاب پڻ ڪيو. نگران وزيراعظم دوري دوران ازبڪستان جي صدر شو??ت مرزايوف، اي سي او جي سيڪريٽري جن??ل خسرو نوزيري، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون.